آفتاب احمد شيخ

آفتاب احمد شيخ

آفتاب احمد شيخ

آفتاب احمد شيخ:: آفتاب احمد شيخ ڀارت جي شهر بنارس ۾، 17 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄائو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس والد اعجاز الدين شيخ، ديري اسماعيل خان ۾ لڏي آيو ۽ پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. آفتاب شيخ ابتدائي تعليم بنارس ۾ ورتي، پر مئٽرڪ جو امتحان غلام حسين هدايت الله اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1958ع ۾ سٽي آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين، 1960ع ۾ سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي پاس ڪيائين. 1963ع ۾ قاضي سميع صديقي مرحوم، محمد اي. ميمڻ ۽ ٻين علمي شخصيتن جي تعاون سان سٽي آرٽس ڪاليج ۾ جناح لا ڪاليج جو بنياد رکيائين ۽ پاڻ اتي استاد ٿي پڙهائڻ لڳو. 1979ع ۾ جناح لا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ، هيءُ وڪالت به ڪندو رهيو. بعد ۾ سياست ۾ حصو ورتائين. 1964ع ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ بي. ڊيءَ جو ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ ڪجهه مهينا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو. 88-1987ع ۾ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جو بنا مقابلي صدر ٿيو. 1987ع ۾ حيدرآباد جو ميئر ۽ 1988ع جي چونڊن ۾ ايم. ڪيو. ايم جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڪجهه وقت سنڌ حڪومت ۾ قانون کاتي جو صلاحڪار به رهيو. 15 آگسٽ 2020ع تي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ۽ 28 آگسٽ 2020ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ آفتاب احمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.17  عيسوي

آفتاب احمد شيخ ڀارت جي شهر بنارس ۾، 17 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄائو.


2020.08.28  عيسوي

آفتاب احمد شيخ 28 آگسٽ 2020ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بخشڻ مهراڻوي
حافظ حبيب سنڌي
بهو بيگم عرف صاحب دولت
جعفر خواجو
ديويڪا راڻي
رونالڊ ريگن
آفتاب غلام نبي قاضي
آخوند اقبال احمد
چيچن داس رائسنگهاڻي
جتوئي شير خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون